زير درختي

زير درختي: ڍل جو هڪ قسم. سنڌ ۾ انگريز دور ۾ باغن تي زير درختي نالي سان باغائين تي ساليانو محصول مقرر هوندو هو. زمين جي ڍل کانسواءِ انبن، زيتونن، ٻيرين، کجور ۽ ٻين ميويدار وڻن تي هن قسم جو محصول لاڳو هوندو هو. وڻن ۾ ميوي جي پڪي ٿيڻ بعد حد جو سرڪاري عملدار باغن ۾ اچي وڻن جو معائنو ڪندو هو ۽ وڻن جي ڳڻپ ڪندو هو. وڻن مان ملندڙ ميوي مان مقرر حصو ميوي جي صورت ۾ وصول ڪيو ويندو هو، جنهن کي ’زير درختي‘ چئبو هو. ان کان سواءِ هر وڻ تي هڪ آنو رقم پڻ ورتي ويندي هئي، جنهن کي ’سر درختي‘ چئبو هو. انگريزن پاران لاڳو ڪيل اهو قانون پاڪستان جي وجود بعد به ڪيتري عرصي تائين هلندو رهيو ۽ پاڪستان حڪومت جي نئين روينيو قانون بعد ختم ٿيو.


لفظ زير درختيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو